اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جتي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان انٽرنيٽ سيڪيورٽي نيٽ ورڪ سسٽم ’فائر وال‘ جي آزمائش سبب انٽرنيٽ سست رفتاري جو شڪار آهي، اتي 10 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ صارفين واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي سست رفتار جي شڪايت ڪئي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) واٽس اپ ۽ انسٽاگرام سميت ملڪ ۾ ٻين ايپليڪيشنن يا انٽرنيٽ سروسز جي سست رفتاري تي ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي پر سوشل ميڊيا تي ماڻهو ايپليڪيشنس استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جي شڪايت ڪندا نظر آيا آهن.
مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۾ واٽس اپ ۽ انسٽاگرام سميت ٻين ايپليڪيشنن جي سروس بند ٿيڻ جي ڪا به شڪايت ناهي ملي، جڏهن ته صارفين واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي سست سروس جي شڪايت ڪئي آهي.
انٽرنيٽ جي رفتار ۽ سروسز جي نگراني ڪندڙ اداري ڊائون ڊٽيڪٽر موجب ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن سميت ملڪ جي وڏن شهرن جي صارفين واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي سست رفتار جي شڪايت ڪئي.