پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اسپيشل سيڪريٽري صحت عديل شاهه گذريل 23 سالن دوران صحت کاتي لاءِ خريد ڪيل سمورين گاڏين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.
سيڪريٽري صحت عديل شاهه ڊي جي هيلٿ سروسز، پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن ۽ صوبي جي سرڪاري اسپتالن جي سربراهن کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته جنوري 2001ع کان خريد ڪيل سمورين گاڏين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.
صحت واري سيڪريٽري جي خط ۾ لاڳاپيل اختيارين کان سوال ڪيو ويو آهي ته گاڏيون ڪٿان خريد ڪيون ويون، ماڊل ۽ ڪمپني جا تفصيل ڏنا وڃن، گاڏيون ڪهڙي آفيسرن وٽ آهن؟
خط ۾ آفيسرن کان پيٽرول ۽ گاڏين جي خرچن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ويو آهي ته گذريل 23 سالن دوران خريد ڪيل سرڪاري گاڏين جو رڪارڊ 20 ڏينهن اندر فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.
صحت واري سيڪريٽري جي خط ۾ لکيو ويو آهي ته گاڏين جي انڪوائري لاءِ ڊي جي ڊرگز جون خدمتون به ورتيون وڃن، سرڪاري گاڏين جو رڪارڊ ڊيٽابيس ۾ داخل ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته صحت کاتي جي گاڏين جي خريداري ۽ استعمال ۾ بي ضابطگين جون شڪايتون مليون هيون.