بنگلاديش جي عبوري حڪومت شيخ حسنا کي وطن واپس آڻڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي وزير شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناهد اسلام چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي وطن واپس اچي ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي.
ناهد اسلام کي عبوري حڪومت ۾ پوسٽل، ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جا قلمدان ڏنا ويا آهن، عبوري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ هن خميس جي رات پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز کي پهريون انٽرويو ڏنو.
انٽرويو دوران ناهد اسلام اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد بابت چيو ته مان حيران آهيان هوءَ ملڪ مان ڇو فرار ٿي وئي.
هن چيو ته شيخ حسينا واجد جي دور ۾ ٿيل فوتگين تي انصاف چاهيون ٿا ۽ شاگردن جي تحريڪ جي مطالبن مان هڪ اهم مطالبو اِهو به آهي.
ناهد موجب، جيڪڏهن شيخ حسينا وطن واپس نه آئي ته اسان کيس وطن واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻنداسين، اسان سندس گرفتاري چاهيون ٿا اِهو باقاعدا عدالتي نظام ذريعي ٿئي يا اسپيشل ٽربيونل ذريعي، اسان ان معاملي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.