ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت سن آف سردار ٽو جي شوٽنگ لاءِ برطانوي ويزا رد ٿيڻ تي ڏمرجي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سن آف سردار فلم جي ڪاميابي بعد ان جو سيڪوئل ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو جنهن جي شوٽنگ اسڪاٽلينڊ ۾ شروع ٿي چڪي آهي پر سنجي دت ان فلم جو حصو ناهي رهيو.
ميڊيا موجب، سنجي دت جو ان بابت موقف سامهون اچي ويو آهي ۽ هن انٽرويو ۾ ٻڌايو ته شروعاتي مرحلي ۾ برطانوي حڪومت پاران ويزا جاري ڪئي وئي، جنهن سبب ضروري ڪاغذن سان گڏ پيسا به جمع ڪرايا ويا ۽ جڏهن سموري تياري پوري ٿي وئي ته هڪ مهيني بعد سندس ويزا رد ڪئي وئي.
اداڪار برطانوي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته گهربل دستاويز ڏيڻ کانپوءِ به سندس ويزا رد ڇو ڪئي وئي؟ جڏهن ويزا فراهم نه ڪرڻو هو ته ڇو ڏنو ويو؟ هڪ مهيني کانپوءِ قانون جي ڄاڻ ڪيئن ملي؟ هن چيو ته ايترو ڄاڻان ٿو ته برطانوي حڪومت غلط عمل ڪيو آهي.
واضح رهي ته 1993 ۾ جيل وڃڻ سبب برطانيا جي ويزا لاءِ سنجي دت جي درخواست رد ڪئي وئي آهي جنهن سبب سنجي کي فلم جي ڪاسٽ کان ڌار ڪيو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي روي ڪشن کي فلم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like