ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو آهي ته مڙس پاران کيس هڪ تحفو مليو جيڪو چوري ٿي ويو.
رپورٽ موجب اداڪارا چيو ته سندس مڙس سليم ڪريم کيس هر هفتي تحفو ڏيندو آهي جنهن ۾ گھڻو ڪري چوڙيون هونديون آهن، کيس چوڙيون پسند آهن پر آخري ڏنل تحفو هن کان گم ٿي ويو، کيس شڪ آهي ته ڪنهن چوري ڪيو آهي، هن ڏوراپو ڏيندي چيو ته جنهن به چوري ڪيو آهي اهو دوزخ ۾ ويندو.
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته مڙس جو ڏنل آخري تحفو کيس سڀ کان وڌيڪ پسند هو، مڙس کي لڳندو آهي مان ڄاڻي واڻي وڃايو آهي پر ائين ناهي، ڪٿي چوري ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like