بنگلاديش: شاگردن جي الٽيميٽم تي چيف جسٽس استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) شاگردن جي الٽيميٽم کانپوءِ بنگلاديش جي چيف جسٽس عبيدالحسن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڍاڪا ۾ سوين مظاهرين سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ ڪيو هو ۽ احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جو الٽيميٽم ڏنو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب، احتجاج ڪندڙن استعيفيٰ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ججن جي رهائش گاهن تي چڙهائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ اطلاع آهن ته بنگلاديشي چيف جسٽس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي عبوري حڪومت جي قانون ۽ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار پروفيسر آصف نذرل چيف جسٽس طرفان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
هوڏانهن بلوم برگ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش بئنڪ جي گورنر عبدالرئوف به گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.