ڪراچي جي خانگي اسپتال جي پارڪنگ مان 35 ڪلوگرام منشيات هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي خانگي اسپتال جي پارڪنگ مان منشيات جي کيپ هٿ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب جوابدارن ڪرسٽل کي ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ لڪايو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي اسپتال جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان 35 ڪلو ڪرسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، منشيات اسٽيڊيم روڊ تي واقع اسپتال جي سڪيورٽي انچارج هٿ ڪئي آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسپتال جي پارڪنگ مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي جوابدارن جو تعلق بلوچستان جي شهر تربت سان آهي، خانگي اسپتال جي انتظاميا ٻنهي جوابدارن کي اي اين ايف اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.