سپريم ڪورٽ ۾ وڏي سياسي جنگ، سياستدانن کانپوءِ جج به آمهون سامهون

اسلام آباد (انصار عباسي) سپريم ڪورٽ ۾ تمام وڏي سياسي جنگ لڳي وئي آهي، هڪ طرف سياسي پارٽين ۽ ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جا ججز هڪٻئي سان مقابلي ۾ آهن. ان لاءِ ايندڙ ڪجهه هفتا اهميت اختيار ڪري ويا آهن. مخصوص سيٽن وارو معاملو سڀني جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پي ٽي آءِ پارليامنٽ ۾ منظور ڪيل اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، ڏسجي ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي هن درخواست کي منظور ڪري ٿي يا نه، اهو اهم هوندو ته جيڪڏهن اها درخواست منظور ٿئي ٿي ته ڪهڙا ججز ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا. حڪومت چاهي ٿي ته سپريم ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن بابت آيل فيصلو رد ٿيڻ کانپوءِ ان کي پارليامنٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ويندي ۽ اها ملازمن جي رٽائرمنٽ واري مدي ۾ 2 سالن تائين واڌ ڪندي، جنهن سان چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ سميت سڀني ججز جي نوڪري جو مدو ٻه سال وڌي ويندو. پوءِ هو هن سال آڪٽوبر ۾ رٽائر نه ٿيندو ۽ هو 2027 آڪٽوبر تائين چيف جسٽس رهندو. جيڪا ڳالهه پي ٽي آءِ لاءِ خراب ثابت ٿيندي، ڇو ته اها چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ جي خلاف آهي. هن وقت ملڪي سياست انهن مخصوص  سيٽن جي چوڌاري گهمي ٿي ۽ اهو ئي اهم موضوع بڻيل آهي. جنهن جو سياست تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي. حڪومت جو هلڻ نه هلڻ، پي ٽي آءِ جو ٻيهر اڀرڻ ان ڪيس سان جڙيل آهن. ملڪي سياست جي مستقبل لاءِ اهو ڪيس اهم هوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 08 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.