بنگلاديش جي صورتحال تي برطانيا کي ڳڻتي

لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ جمهوريت جي تحفظ لاءِ جلد اپاءَ ضروري آهن. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر بنگلاديش ۾ گذريل هفتن دوران تشدد سبب مايوس ٿيو. اسان  کي اميد آهي ته جلد اپائن سان جمهوريت بحال ٿيندي ۽ بنگلاديش ۾ ماڻهن لاءِ امن ۽ تحفظ ڏانهن اڳڀرائي ٿيندي. ذريعن موجب شيخ حسينا امڪاني طور لنڊن وڃي سگهي ٿي پر تصديق ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.