خالده ضياءَ آزاد، عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڪرپشن ڪيس ۾ قيد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه خالده ضياءُ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. بي اين پي سربراهه بيگم خالده ضياءَ ۽ وقتي چيئرمين طارق رحمان ملڪ ۾ جاري صورتحال  جي تناظر ۾ عوام کي پرامن رهڻ جو چيو آهي. بي اين پي جي سيڪريٽري جنرل مرزا فخر الاسلام چيو آهي ته عوامي ليگ جي حڪومت ختم ٿيڻ سان سندن مطالبا پورا ٿي ويا آهن، تنهن ڪري کين هاڻي پرامن رهڻ گهرجي. هن اهڙو پيغام آرمي چيف جنرل وقار الزمان سان ملاقات کانپوءِ ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.