ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چهري جي قدرتي رنگ مان ناخوش ماڻهو ڀوري رنگ جا خواهشمند هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ چهري کي گورو ڪرڻ جي نالي تي وڏي پئماني تي ڪريمن جو وڪرو ٿئي ٿو. اڇي رنگ جو جنون ايشيائي ملڪن جي عورتن ۾ وڌيڪ ملي ٿو.
پاڪستان ۾ به روز نيون نيون ڪمپنيون نون نون نالن سان ڪريمون، بليچ ۽ ٻيون هاڃيڪار شيون وڪرو ڪن ٿيون جيڪي ماڻهو به بنا سوچڻ سمجهڻ جي استعمال ڪن ٿا. اڪثر ماڻهو ڪنهن کل جي ماهر سان مشورو ڪرڻ کانسواءِ ڪريمون خريد ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، کين خبر به ناهي هوندي ته انهن ڪريمن جو استعمال کين ڪهڙا نقصان ڏئي سگهي ٿو.
ان حوالي سان ڪجهه ڳالهيون ڄاڻڻ ضروري آهي، پاڪستان ۾ گڏ ڪيل انگن اکرن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن ڪريمن ۾ استعمال ٿيندڙ وائٽننگ ايجنٽس جو واسطو کل تي ٿيندڙ موهيڙن جي واڌ ويجهه سان آهي ۽ اهو مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ هڪ جيترو عام آهي.
انهن ڪريمن ۾ ڪارٽيڪوسٽيرائيڊ نالي اسٽيرائيڊز هوندا آهن جيڪي اوهان جي کل کي گورو ڪندا آهن پر ڏندن کي نقصان ڏيندا آهن ۽ ڏندن تي ڦڪا نشان ٺهي ويندا آهن.
هڪ مطالعي موجب اهڙيون ڪريمون استعمال ڪرڻ سان هڪ خطرناڪ بيماري به ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ چهري جو رنگ نيرو ٿي ويندو آهي. ڪريمن ۾ مليل هائيڊروڪوئينون کي گهٽ مقدار ۾ استعمال ڪجي ته ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن انهن کي باقاعدگي سان استعمال ڪجي ته کل جا ڪجهه حسا ڪارا ۽ نيرا ٿي سگهن ٿا.
جيڪڏهن اوهان جي کل حساس هوندي ته اهو مسئلو جلدي ٿي سگهي ٿو، چهري تي ان قسم جا نشان ڏاڍا خراب لڳندا آهن جن کي ميڪ اپ به ڍڪي ناهي سگهندو.
ڊرماٽائٽس کل جي هڪ اهڙي حالت آهي جيڪا کل کي اڇو ڪندڙ ڪريمن جي استعمال سان ٿي سگهي ٿي. ڊرماٽائٽس هلڪي ۽ تيز ٿي سگهي ٿي ۽ هر شخص ۾ مختلف ٿي سگهي ٿي.
بيمارين جي علامتن ۾ کل تي ڳاڙهاڻ، ڇالا ٿيڻ، موهيڙا ٿيڻ، السر ٿيڻ، الرجي ٿيڻ، چهرو خشڪ ٿيڻ، سوڄ ۽ خارش شامل آهن.
جيڪڏهن اوهان اهڙن مسئلن مان ڪو مسئلو پيش اچي ٿو ته ڪنهن اسڪن اسپيشلسٽ سان مشورو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن ڪنهن ڪريم جي استعمال سان اهڙي علامت ظاهر ٿئي ته ان ڪريم جو استعمال فوري طور تي روڪڻ ۾ ئي ڀلائي آهي.