حڪومت پاران ماهوار لک رپيا پگهار کڻندڙ طبقي کي رليف ڏيڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاران معاشي ٽيم کي خصوصي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

ذريعن موجب، پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ ترقياتي ڪمن مان فنڊ ڪڍڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته انڪم ٽئڪس رليف ڏيڻ جي حوالي سان آءِ ايم ايف کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو،

 گهٽ پگهار وارين سليبس کي 40 ارب رپين جو رليف ڏيڻ جون تياريون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.