بلوچستان ۾ پوليو وائرس, وڌيڪ هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پوليو وائرس جو وڌيڪ هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي، صحت کاتي موجب جهل مگسي ۾ ٽن ورهين جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي موجب جهل مگسي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان صوبي ۾ ڪيسن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي.

هلندڙ سال بلوچستان ۾ پوليو جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس قلعه عبدالله ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته چمن، زوب، ڊيرا بگٽي ۽ جهل مگسي مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.