سڄي ملڪ جي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي خانگائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاور ڊويزن واري وزارت سڄي ملڪ جي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي خانگائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، 13 ڪمپنين جي نجڪاري جو پلان جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، پاور سيڪٽر جي 12 تنظيمن جي نجڪاري بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، بجلي ڪمپنين کي مرحليوار خانگايو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ فيسڪو، گيپڪو، حيسڪو ۽ آئسڪو جي نجڪاري ٿيندي، ٻئي مرحلي ۾ ميپڪو ۽ پيسڪو سميت ٻين ڪمپنين کي خانگايو ويندو.
توانائي وزارت جي ذريعن موجب،حڪومت پاران پاور سيڪٽر جي جي سمورن ادارن جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.