ڊي آءِ خان ( ويب ڊيسڪ ) ڊي آءِ خان ۾ ججن جي اسڪواڊ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.
پوليس موجب، ٽانڪ کان ايندڙ ججن جي اسڪواڊ تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ججن جي سيڪيورٽي تي مقرر ٻه محافظ شهيد ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ججن تي فائرنگ جو واقعو هٿالا ويجهو پيش آيو، علائقي کي ڪڙو چاڙهي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like