وفاقي تعليمي ادارن جي موڪل بابت وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزارت پاران ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ بابت اهم فيصلو سامهون اچي ويو آهي، جنهن موجب وفاق جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ڪئي وئي آهي.

وفاقي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن سمورن تعليمي ادارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، نوٽيفڪيشن موجب 10 آگسٽ کان وفاق جي ماتحت هلندڙ تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل ختم ٿي ويندي.

تعليمي ادارن جو سمورو عملو باقاعده حاضري کي يقيني بڻائيندو، تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري کي به يقيني بڻايو ويندو، نوٽيفڪيشن ۾ سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن تعليمي ادارن جا سربراهه انهن هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.