ڪراچي ( پ ر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آر آر جي مرزا اخلاق بيگ خلاف بي ضابطگين ۽ بدانتظامي سميت اداري جي ساک کي نقصان پهچائڻ تي انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڊپٽي ڊائريڪٽر آر آر جي مرزا اخلاق بيگ خلاف ڪارروائي لاءِ کوڙ سبب آهن تنهنڪري سندس خلاف مجاز اٿارٽي جي منظوري سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ايڪٽ جي سيڪشن 14 ٻه سان گڏ سيڪشن 12 هڪ (e) ۽ (k) تحت فوري طور تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي.
پڌرائي موجب، ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايڇ آر ڊي اينڊ اي محمد ثاقب کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مرزا اخلاق بيگ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ٽيڪس جي حيثيت سان آمدني جي اوڳاڙي جي لاءِ پنهنجي ذميواري جي ابتڙ واٽر ڪارپوريشن ۽ انتظاميا کي بدنام ڪرڻ خاطر پاڻي جي لائينن جي غيرقانوني ڪنيڪشن کي ڪٽڻ جو سھارو ورتو.
واضح رهي ته مٺي پاڻي جو اندازو ٽي ڊي ايس TDS سان ٽي ڊي ايس TDS ميٽر جي چيڪنگ جي ذريعي لڳايو ويندو آهي پر هن مبينا طور تي هڪ وڊيو ٺاهي ۽ مجاز اٿارٽي جي منظوري ۽ اختيار بنا TDS جو تعين ڪرڻ کان سواءِ اينٽي ٿيفٽ سيل جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته سروي دوران گهٽ ۾ گهٽ 900 ۽ 1500 TDS وڌ ۾ وڌ 4000 پي پي ايم TDS نڪتا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اِهو زير زمين پاڻي آهي.
پڌرائي موجبواٽر ڪارپوريشن جي ترجمان کي سرڪاري ترجمان طور پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان رابطو ڪرڻ جو اختيار حاصل آھي تنهن هوندي ھن ڄاڻي واڻي واٽر ڪارپوريشن پاران قائم ڪيل هدايتن ۽ SOPs جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اداري کي بدنام ڪرڻ لاءِ واٽر نيٽ ورڪ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ان کان علاوه حيرت انگيز طور تي ناظم آباد ۾ دلشاد منزل مان هڪ وزٽنگ ڪارڊ هٿ آيو آھي جنهن تي سندس نالو ۽ عهدو ڪوآرڊينيٽر ٽو سي اي او / ايم ڊي لکيل هو جيڪا هڪ ھٿ ٺوڪيل ۽ پاڻمرادو پئسا گڏ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۽ جعلسازي آهي جيڪا هڪ آفيسر لاءِ ناگوار آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مرزا اخلاق بيگ کي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر روينيو وٽ پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي ھئي پر هن بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
پڌرائي موجب، مرزا اخلاق بيگ من گھڙت ڪهاڻين سان گڏ هڪ گمراهه ڪندڙ ۽ تڪراري وڊيو ٺاهي جنھن مان سندن جسماني لئنگويج ۽ رويي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس مقصد صرف اداري کي بدنام ڪرڻ آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مرزا اخلاق بيگ واٽر ڪارپوريشن سميت مختلف کاتن جي عملدارن خلاف شڪايتون ڪري تخريبي سرگرمين ۾ مصروف آهي ۽ ضابطا اخلاق جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندي مختلف سوشل ميڊيا گروپن تي وائيس نوٽس موڪلڻ ۾ مصروف آهي .