خيبرپختونخوا ۾ زميني تڪرار تان 50 ڄڻا مارجي ويا، جرڳو، ڌرين ۾ ٺاهه

پشاور ( ويب ڊيسڪ) ضلعي ڪرم ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ زميني تڪرار کانپوءِ جرڳي ۾ ٺاهه ٿي ويو. ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب ڌرين وچ ۾ 2 مهينن لاءِ عارضي جنگبندي جي معاهدي تي صحيحون به ڪيون ويون آهن.
ڊپٽي ڪمشنر موجب ڪرم ضلعي ۾ ٻنهي قبيلن وچ ۾ مستقل جنگبندي لاءِ باضابطه معاهدو پڻ ڪيو ويندو. ان حوالي سان جرڳي ميمبر حاجي رحمت حسين ٻڌايو ته ڪنهن به ڌر طرفان معاهدي جي ڀڃڪڙي تي 12 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
هن چيو ته پشاور ضلعي ڪرم هاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ محفوظ بڻايو ويندو.واضح رهي ته گذريل هڪ هفتي دوران چڪرين سبب 50 ڄڻا مارجي ويا ۽ 226 زخمي ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.