ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي خميس تي بلوچستان جي چئن ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
پي ڊي ايم اي موجب لسبيلا، قلات، سوراب، قلعه سيف الله، واشڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وچولي ۽ تيز برسات جاري آهي صوبي جي ڪنهن به علائقي مان ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
لسٻيلا، قلات، قلعه سيف الله ۽ وشڪ ۾ ڍڍن ۾ چاڙهه سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي. موسميات کاتي موجب اربع جو ڏينهن نوڪنڊي ۾ گرم ترين ڏينهن رهيو ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻئي طرف سبي ۾ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 36 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ خميس تي به برسات جو سلسلو جاري رهندو. جڏهن ته زوب، موسيٰ خيل، بارخان، ڪوهلو ۾ به برسات جو امڪان آهي.
You might also like