ماسڪو/انقرا/بيجنگ/وشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) روس، چين ۽ ترڪيه حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي شهادت واقعي جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪا ردعمل ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
روس جي پرڏيهي وزارت اسماعيل هانيا جي قتل کي مڪمل طور تي نه قبولڻ جوڳو واقعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف جو چوڻ آهي ته حماس اڳواڻ جي قتل سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي.
ترڪيه جي پرڏيهي وزارت اسماعيل هانيا جي قتل مزمت ڪندي چيو ته هانيا جي شهادت مان واضح آهي ته اسرائيل امن جو خواهشمند ناهي.
چين به ايران تي حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جا قدم خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
You might also like