اسماعيل هانيا تي حملي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي: حماس

حماس جو اسماعيل هانيا  تي حملي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو اعلان، حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسماعيل هانيا تي حملي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.
حماس اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيا جو قتل هڪ سنگين واقعو ۽ بزدلاڻو عمل آهي، ان سان اسرائيل پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي، واقعو جو ڀرپور جواب ڏيندو ويندو.
حماس اڳواڻ سامي ابو زهري چيو آهي ته هو بيت المقدس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کليل جنگ وڙهي رهيا آهن، بيت المقدس لاءِ ڪا به قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين جي ترجمان مهر الطاهر چيو آهي ته شهيد اسماعيل هانيا فلسطين جي مقصد لاءِ پنهنجي قيمتي جان جو نذرانو ڏنو، فلسطيني پنهنجي مقصد لاءِ هر قيمتي شيءُ ۽ قيمتي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي وقت موجب رات 2 وڳي تهران جي دل ۾ هڪ ميزائل فائر ڪيو ويو، جتي اسماعيل هانيا پنهنجي محافظ سان گڏ موجود هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.