بيڪانير ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا تي دوستي کانپوءِ پاڪستاني ناري سرحد پار ڪري ڀارتي نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، فيسبڪ تي دوستي کانپوءِ مهوش نالي پاڪستاني ناري ڀارتي رياست رجسٿان جي علائقي بيڪانير جي نوجوان رحمان سان شادي ڪري ڇڏي.
مهوش اسلام آباد ۾ بيوٽر پارلر هلائيندي هئي جڏهن ته ڀارتي نوجوان رحمان ڪويت ۾ ٽرانسپورٽر جو ڪم ڪندو آهي، ٻئي سوشل ميڊيا تي هڪٻئي جا دوست بڻيا، دوستي محبت ۾ تبديل ٿي جنهن بعد ٻنهي هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مهوش ٻڌايو ته پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي مشورو تي عمل ڪندي مارچ 2022ع ۾ رحمان کي شادي لاءِ پرپوز ڪيو، ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻنهي وڊيو ڪانفرنس ڪال ذريعي نڪاح ڪري ورتو، 2023 ۾ ٻئي عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ويا ۽ اتي مڪي شريف ۾ ٻنهي بظابطا طور شادي ڪئي.
جوڙي پنهنجي شادي جو اعلان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڪيو ۽ سندن گهرڀاتين کي به سوشل ميڊيا ذريعي ئي ٻنهي جي شادي جو پتو پيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مهوش 25 جولاءِ تي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ اسلام آباد کان واهگا بارڊر پهتي ۽ 45 ڏينهن جي سياحتي ويزا تي ڀارت ۾ داخل ٿي، جتي رحمان جي خاندان سندس آجيان ڪئي ۽ کيس راجسٿان ۾ پنهنجي گهر پٿيسر وٺي آيا.
مهوش جي رجسٿان پهچڻ کانپوءِ انٽيليجنس ايجنسين سندس خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ مقامي پوليس طرفان به کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ موجب، 2006ع ۾ مهوش جي شادي بادامي باغ جي رهائشي شخص سان ٿي جنهن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي، 2018 ۾ ٻنهي جي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي ۽ سندس اڳوڻي مڙس ٻئي شادي ڪري ڇڏي.
ٻئي پاسي رحمان 2011ع ۾ فريده نالي عورت سان نڪاح ڪيو جنهن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي، ٻنهي وچ۾ لاڳاپا خراب ٿيڻ سبب سندس گهرواري پنهنجي پيڪن وٽ رهندي آهي.
هوڏانهن رحمان جي ٻي شادي جو پتو پوندي ئي سندس پهرين گهرواري فريده مقامي پوليس اسٽيشن ۾ مهوش تي امڪاني جاسوس هئڻ جو الزام لڳائيندي شادي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
فريده جو چوڻ آهي ته سندس مڙس اڃا تائين کيس طلاق به ناهي ڏني انڪري سندس ٻي شادي غيرقانوني آهي ۽ هوءَ ان لاءِ قانوني ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like