”خيبرپختونخوا ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو“ علي امين جي بيان تي عطا تارڙ جو سخت ردعمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته طالبان کي واپس آڻيندڙ چون ٿا ته آپريشن نه ٿيڻ ڏينداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير جلسن ۾ هڪ ڳالهه ڪندو آهي ۽ اجلاس ۾ ٻي ڳالهه ڪندو آهي، سندس بيان تضادن جو مجموعو آهن.
هن چيو ته طالبان کي واپس آڻيندڙ چون ٿا آپريشن نه ٿيڻ ڏينداسين، اوهان وٽ منصوبو ڪهڙو آهي؟ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن اهڙو ڪو به آپريشڻ ناهي ٿي رهيو.
عطا تارڙ چيو ته سييڪورٽي جي حوالي سان ڪجهه ماڻهو غير ضروري ڳالهيون ڪري رهيا آهن، امن جي صورتحال ۽ ادارن کي هر وقت نشانو بڻايو پيو وڃي، امن قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت رٽ قائم ڪرڻي پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي کي لياقت باغ ۾ جسلي يا ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي هئي، اسان ملڪ جي بقا لاءِ ڳالهيون ڪري لاءِ تيار آهيون.
واضح رهي ته 26 جولاءِ تي بنون ۾ امن جرڳي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو هو ته امن ۽ انصاف گهرنداسين نه، امن ۽ انصاف وٺنداسين، اسان پاڪستان لاءِ پنهنجو رت به وهايو، قربانيون ڏنيون.
سندس چوڻ هو سياڻو انسان اهو هوندو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جي تجربي مان سکي، بيوقوف انسان اِهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي تجربي مان ناهي سکندو، خيبرپختونخوا ۾ آپريشن نه ٿيندو، اسان جا فيصلا ڪو ٻيو نه اسان پاڻ ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.