پشاور ( ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي ڪمانڊر نور ولي محسود ۽ احمد حسين عرف غٽ حاجي جي ڳجهي ڪال تي قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نور ولي محسود ۽ احمد حسين جي ڳجهي ڪال تي قانوني ڪارروئي جي شروعات ڪندي ڪال جو فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائي ورتو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فارنزڪ مطابق فون ڪال ۾ آواز نور ولي محسود، احمد حسين عرف غٽ حاجي جو آهي، ڪال ۾ احمد حسين کي نور ولي محسود سرڪاري ملڪيتن ۽ اسڪولن تي حملن جون هدايتون ڏئي رهيو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، نور ولي طرفان مير علي اتر وزيرستان ۾ گرلز اسڪول کي آءِ اي ڊي ذريعي اڏايو ويو هو جڏهن ته ٽانڪ سان واسطو رکندڙ استاد ميرا جان کي به ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو هو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.
You might also like