اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا بورڊز ڪاميٽي آف چيئرمينز جي ميزباني ۽ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ( بي آءِ ايس ايِ ) پشاور جي سهڪار سان 179 هين انٽربورڊز ڪو آرڊينيشن ڪميشن ( آءِ بي سي سي ) جو اجلاس ٿيو،
اجلاس ۾ پاڪستان جي امتحاني نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس جي صدارت فيڊرل بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ( ايف بي آءِ ايس ايِ ) جي چيئرمين جنيد اخلاق ڪئي
اجلاس ۾ سموري ملڪ جي امتحاني بورڊن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس جو بنيادي مقصد امتحاني نظام کي جديد ۽ معيار بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ منصفاڻي اسيسمينٽ واري عمل کي يقيني بڻائي سگهجي.
ان موقعي تي سيد جنيد اخلاق فورم جي سمورن ميمبرن جي گڏيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تعليم جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ انهن سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
آءِ بي سي سي جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علام علي ملاح هڪ منصفاڻي، شفاف ۽ اثرائتي امتحاني نظام ٺاهڻ جي هدف تي زور ڏنو جيڪو شاگردن جي صلاحيتن کي درست طريقي سان ظاهر ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلا ان مقصد ڏانهن اهم اڳڀرائي جي نمائندگي ڪن ٿا.
You might also like