ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر جسپريت بمرا چيو آهي ته ويرات ڪوهلي ٽيم جو ڪپتان نه ليڊر آهي.
هڪ انٽرويو دوران ميزبان جسپريت بمرا کان دلچسپ سوال پڇيا جنهن ۾ هڪ سوال اِهو هو سندس پسنديدا ڪپتان ڪير آهي؟ جنهن تي فاسٽ بالر جواب ڏنو ته ڀارت جي تاريخ ۾ڪيترائي ڪپتان آيا پر هو پاڻ کي سڀني کان سٺو ڪپتان سمجهي ٿو.
مهيندر سنگهه ڌوني، ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي ڪپتاني بابت سوال جي جواب ۾ جسپريت بمرا چيو ته ٽنهي جي ڪپتاني جو پنهنجو انداز ۽ طريقو هو، پر مان سمجهان ٿو ته بالر وڌيڪ بهترين ڪپتان ثابت ٿي سگهن ٿا.
جسپريت بمرا ويرات ڪوهلي جي ڪپتاني بابت چيو ته هو ڪپتان نه ليڊر آهي، ٽيم ۾ 11 رانديگر هوندا آهن جنهن ۾ ڪجهه ليڊرز هوندا آهن ڪوهلي انهن مان هڪ آهي.
هن چيو ته ڪپتاني هڪ پوسٽ ضرور آهي جنهن جو ڪم ميچ دوران بالرن ۽ فيلڊنگ کي ڏسڻ ۽ سنڀالڻ هوندو آهي جيڪڏهن ڪپتان مصروف آهي ته ليڊر جي ذميواري هوندي آهي ته ڪپتان کي صلاح ڏئي.
You might also like