اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) اڄ اسلام آباد ۾ رٿيل احتجاج ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي ريجنل صدر عامر مغل جو چوڻ آهي ته اڄ منجهند ٽئين وڳي احتجاج جو سڏ ڏنو جنهن جي اجازت لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ ڊي سي کي 23 جولاءِ تي درخواست ڏني.
هن چيو ته ڊي سيءَ وٽان اجازت نه ملڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو، اڃا تائين عدالت احتجاج جي حوالي سان لکت ۾ اجازت ناهي ڏني.
عامر مغل چيو ته پارٽي جي مرڪزي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي اڄوڪو احتجاج عدالتي حڪم جي احترام ۾ سومر تائين ملتوي ڪري رهيا آهيون.
You might also like