اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حوالي سان اسلام آباد پوليس ڊي چوڪ تان ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.
ذريعن موجب، گرفتار ڪارڪنن ۾ کي قيدي وين ۾منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊي چوڪ ايندڙ روڊن کي پوليس ۽ انتظاميا ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو آهي.
جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي سڏ تي ريڊ زون ۽ راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ روڊن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي.
راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به بند آهي جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشاني جي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
مقامي انتظاميا موجب، احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ به آءِ جي پي کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي آهي.
فيض آباد وٽ راولپنڊي ويندڙ روڊ ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي ۽ مري روڊ تي چاندني چوڪ ۽ سڪسٿ روڊ تي ڪنٽينرز رکيا ويا آهن.
جماعت اسلامي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن ۽ مهانگائي خلاف قافلو اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڌرڻو ضرور هنيو ويندو .
جماعت اسلامي جي امير نعيم الرحمان ۽ نائب امير لياقت بلوچ اسلام آباد ۾ موجود آهن، لياقت بلوچ جي گهر ڇاپي دوران ٻن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي طرفان لاهور، گجرات، وهاڙي، سرگوڌا، حافظ آباد ۽ فيصل آباد مان ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتاري جي دعوي ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي پي ٽي طرفان عمران خان سميت گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.