”حڪومت وٽ ماڻهن جي روزگار ۽ مالي حالتون سڌارڻ جا وسيلا ناهن“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسميبليءَ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته سياسي سبب جي بنياد تي ڪو به پرڏيهي سيڙپڪار ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڏهه ارب ڊالر جا واعدا ٿيا اڃا تائين 3 ارب ڊالرز مليا آهن.
قومي اسيمبلي جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اقتصادي معاملن جي سيڪريٽري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ديا مير ڀاشا ڊيم تي سياسي سببن سبب ڪو به پرڏيهي سيڙپڪار ڳالهائڻ لاءِ ناهي، اسان اوپيڪ جي هڪ اجلاس جي موقعي تي جي سي سي آءِ ملڪن جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن وقت ديا مير ڀاشا ڊيم تي رڳو ترقياتي پروگرام مان فنڊز استعمال ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ جنيوا ڪانفرنس ذريعي ڪيل ڏهه ارب ڊالر جي واعدي مان پاڪستان کي هينئر تائين ٽي ارب ڊالرز مليا آهن، ان معاملي تي وڌيڪ مشاورت لاءِ سلسلي ۾ ڪميٽي طرفان اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
ڪميٽي ميمبر جاويد حنيف چيو ته کوڙ اين جي اوز کي پرڏيهي ملڪ فنڊنگ ڪري رهيا آهن، سڀني کي خبر آهي ته سعودي ۽ ايران مان فنڊنگ ڇو اچي رهي آهي، اين جي اوز لاءِ فارين فنڊنگ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو، اسان اين جي اوز لاءِ آن لائين سهولت پيدا ڪري ڇڏي آهي، اين جي اوز لاءِ فنڊنگ آڻڻ جو عمل سولو بڻائي ڇڏيو آهي ڇو ته اسان جو مقصد آهي ته موجودا حالتن ۾ ملڪ ۾ ڊالرز ايندا رهن.
سيڪريٽري اڪنامڪ افئيرز چيو ته سرڪار وٽ ايترا وسيلا ناهن جو ماڻهن کي روزگار ڏئي سگهي، سرڪار وٽ ماڻهن جي مالي حالتون سڌارڻ لاءِ به وسيلا ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.