ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ بچن جي نئين گاڏي جي نمبر اداڪارا جوڙي کي گڏ ڏسڻ جي خواهشمند مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي، اڀيشيڪ بچن جي نئين گاڏي جو نمبر سندس گهرواري جو پسنديدا نمبر آهي.
سوشل ميڊيا تي پاپارزاي يوگن شاهه جي اڪائونٽ تان اڀيشيڪ جي نئين ڪار ۾ سوار ٿيندي تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ اڀيشيڪ ۽ ايشوريا راءِ کي گڏ ڏسڻ جي خواهشمندن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.
تصوير ۾ اڀيشيڪ بچن ڪاري رنگ جي ڪار ۾ فلم ” دي آرچيز “ جي اسٽار سهانا خان، آگستيا نندا ۽ پنهنجي ڀاڻيجي نويا نويلي نندا سان گڏ نظر اچي رهيو آهي.
تصوير ۾ اڀيشيڪ بچن جي گاڏي جو نمبر 5050 واضح طور نظر اچي رهيو آهي ۽ يوگن شاهه جو چوڻ آهي ته اِهو نمبر ايشوريا راءِ جو فيورٽ نمرب آهي.
يوگن شاهه پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” محبت زندگي آهي ۽ هميشه لاءِ آهي.“