نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو ته آهي ته پاڪستان ماضي ۾ جيتريون به غلط ڪوششون ڪيون ان کي منهن ڀر ڪرڻو پيو پر هو پنهنجي تاريخ مان ڪجهه ناهي سکيو.
ڪارگل جنگ کي 25 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم الزام مڙهندي چيو ته پاڪستان پنهنجي اهميت برقرار رکڻ لاءِ دهشتگردي ۽ ” پراڪسي وار “ جي سهارو وٺي رهيو آهي.
مودي چيو ته ڀارت امن لاءِ ڪششون ڪري رهيو آهي پر موٽ ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو وري پنهنجو ناقابلِ اعتماد چهرو ڏيکاريو آهي، سچ جي آڏو ڪوڙ ۽ دهشتگردي سدائين مات کاڌي آهي.
You might also like