ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ قومي ٽيم ۾ ڪنهن به قسم جي سرجري جي مخالفت ڪري ڇڏي.
هڪ انٽرويوءَ ۾ شعيب ملڪ چيو ته ٻن ٽن ماڻهن کان ذميواري واپس وٺڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا ، اوهان جيڪڏهن ڪنهن کي ذميواري ڏيو ٿا ته ان کي پورو وقت به ملڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان معاملا ٺيڪ ٿيندا.
شعيب ملڪ سوال اُٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ۾ ڪنهن ۾ صلاحيتون هجن پر کيس اندازو نه هجي ته رات پيٽ ۾ تبديل ٿيندو ويندو ته پوءِ ملڪي ڪرڪيٽ ۾ بهتري ڪيئن آڻي سگهجي ٿي؟
هن چيو ته گيري ڪرسٽن جو وائٽ بال هيڊ ڪوچ ٿيڻ ۽ جيسن گليسپي جو ٽيسٽ ۾ ذميواري سنڀالڻ پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.
سينيئر رانديگرن کي ليگز جا اين او سي جاري نه ٿيڻ جي حوالي سان شعيب ملڪ چيو ته اِهو سٺو فيصلو آهي ڇو ته ملڪ سڀ کان پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، پر پليئرز جو مالي نقصان به نه ٿيڻ گهرجي.
شعيب ملڪ بابر اعظم کي رانديگر طور قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ جو مشورو ڏيندي وائٽ بال ٽيم جي قيادت فخر زمان کي ڏيڻ جي تجويز ڏني.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان ضرور اچڻ گهرجي.
You might also like