ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته هن مڇون جوان نظر اچڻ لاءِ ڪٽرائي ڇڏيون هيون.
يونس خان تازو هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن، ذاتي توڻي پروفيشنل زندگي بابت ويچار ونڊيا.
شو دوران ميزبان يونس کان پڇيو ته اوهان مڇون ڇو نٿا رکو؟ جنهن جي جواب ۾ يونس خان چيو ته مڇون رکڻ گهرجن، اِهو به سچ آهي ته جنهن جون مڇون ناهن ان وٽ ڪجهه به ڪونهي.
يونس خان چيو ته مون به جواني ۾ مڇون رکرايون هيون، جڏهن سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايم ته سوچيو ڀائرن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصويرن تي وڏيون وڏيون مڇون نٿيون ٺهن انڪري مڇون ڪٽرائي ڇڏيون جيئن وڏي عمر جو لڳان.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته سندس امڙ کي ڪلين شيو يونس خان پسند آهي، ٿوري به ڏاڙهي وڌي ويندي آهي ته هوءَ چوندي آهي ته ڏاڙهي ٺهرائي ۽ صاف سٿرو رهه ته جيئن سٺو لڳين.
Next Post
You might also like