پشاور (ويب ڊيسڪ) نوشهرا ۾ قتل ٿيل صحافي ملڪ حسن زيب جي ڪيس ۾ پوليس پاران قاتل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ڊي پي او نوشهرا موجب صحافي حسن زيب کي پلاٽ جي ذاتي ڏيتي ليتي جي تڪرار تان قتل ڪيو ويو. ڊي پي او ٻڌايو ته پلاٽ وڪري کانپوءِ رقم ڏيڻ ۾ دير تان جهيڙو ٿي پيو ۽ کيس قتل ڪيو ويو، قتل ۾ نامزد ٻن جوابدارن اشفاق ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
مقتول جي پهرين زال جو ڀاءُ بلال به قتل ۾ ملوث آهي جوابدار ڪرائي جي قاتل جي سهولت فراهم ڪئي، قاتل کي هڪ لک رپيا ڏنا ويا ٻنهي جي ڳولا شروع ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن جو ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ حاصل ڪيو ويو.
You might also like