فائر وال جي آزمائش سبب پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا رفتار متاثر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) فائر وال کي تجرباتي بنيادن تي هلائڻ سبب ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جي رفتار گهٽجي وئي آهي ۽ اها ڳالهه ان صورتحال کان باخبر عملدارن ٻڌائي آهي جڏهن ته اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ انٽرنيٽ تي ٻڌل ڪاروبار جس مستقبل جي حوالي سان ڊپ پيدا ٿي ويو آهي.
عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽرائل ختم ٿيڻ کانپوءِ انٽرنيٽ ٽريفڪ ۽ رفتار معمول تي اچي ويندي، حڪومت اهو فلٽرنگ سسٽم حاصل ۽ ان کي لڳائڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 30 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي آهي.
هي فنڊ آءِ ٽي واري وزارت کي ڏنا ويا هئا پر اهو منصوبو طاقت جي هڪ ٻئي مرڪز وٽان هلايو پيو وڃي ۽ ان پراجيڪٽ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جو ڪم ڊاڪ خاني کان وڌيڪ ناهي.
هڪ عهديدار جو چوڻ هو ته فائر وال تي ڪم هلندڙ سال جنوري کان جاري آهي جنهن ۾ سسٽم جي خريداري ۽ ان کي لڳائڻ جا معاملا شامل آهن، هاڻي هي سسٽم لڳي چڪو آهي ۽ ان کي شروع ڪيو ويو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ان سسٽم جو ڪنٽرول ڏيڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.