حڪومت نالائق آهي، ٻن وڏن کي چوان ٿو ته هنن کي فارغ ڪريو: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 31 آگسٽ تائين سامهون اچي ويندو ته ملڪ جي سياست ڇا آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ چاهين ٿا، 31 آگسٽ تائين فيصلو اچي ويندو، عدالتون هن ڀيري کين چٿي ڇڏينديون.
سندس چوڻ هو ته عدليه کي سختي سان منهن ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندا ته ڇا ٿيندو؟ هي بيوقوف جيڪو ڪجهه ڪن ٿا فوج ڀوڳي ٿي.
شيخ رشيد جو چوڻ هو ته قوم بجلي جي بلن مان تنگ آهي، ڀاءُ ڀاءُ کي ماري رهيو آهي، 10 ڊالر به ڪٿان نه آيا، موجوده نالائق حڪومت هڪ نفرت جو نشان آهي، مان ٻن وڏن کي چوان ٿو ته انهن کي فارغ ڪريو.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سياسي ماڻهو هڪ ئي جوڳو ڪيس ٺاهيندا آهن پر منهنجي خلاف 14 ڪيسز آهن، هي رڳو تنگ ڪرڻ جا بهانا آهن، هاءِ ڪورٽ قرار ڏئي چڪي آهي ته اسان خلاف ڪو ڪيس ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.