دهشتگردي جي تازي لهر پاڪستان خلاف منظم سازش آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي حملو ڪندڙن جي شهريت جي سڃاڻپ تي تبصرو نٿا ڪري سگهون.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستاني قونصليٽ فرينڪفرٽ واقعي تي پنهنجا خدشا جرمن اختيارين تائين پهچائڻا آهن، پاڪستاني سفيرن جي سيڪيورٽي اهيمت رکي ٿي، ميزبان ملڪ سان گڏجي حملن بابت حفاظتي قدم کنيا ويندا.
هن چيو ته فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي ٿيل حملي تي جرمن حڪومت معذرت جو اظهار ڪيو، جرمن حڪومت مڪمل سپورٽ ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته اسان جو قونصل خانو جرمن انتظاميا سان گڏجي ذميوارين جي گرفتاري ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي پر هن وقت حملي آورن جي شهريت جي سڃاڻپ جي حوالي سان تبصرو نٿا ڪري سگهون.
افغانستان بابت ترجمان چيو ته افغان سرحد تي ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ڪنهن به پرڏيهي کي بنا دستاويز پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪي سفير طرفان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات تي ڪنهن به امڪاني درخواست کي آئين ۽ قانون جي تناظر ۾ ڏسنداسين، ٻاهرين ملڪن مان ڪنهن به قسم جو تبصرو بنا ضرورت، ناقابلِ قبول ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لهر افسوناڪ آهي، دهشتگرد ڪارروائيون پاڪستان خلاف هڪ منظم سازش آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.