چاهيان ٿو ته جڏهن به مارشل لا جو خطرو هجي ته عدالتون کليل هجن:جسٽس اطهر من الله

نيويارڪ( م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته جڏهن به مارشل لا جو خطرو هجي ته عدالتون کليل هجن.  نيويارڪ بار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته  جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ جي ڪوشش هجي ها ته ان جو امتحان هجي ها، هي امتحان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ به هجي ها اها آئين جي بالادستي لاءِ بيهي ٿي يا نه. واضح رهي ته جسٽس اظهر من الله اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو ۽ جڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪئي وئي هئي ته ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي غير آئيني قدم کڻڻ کان روڪيو وڃي پر درخواست تي ٻڌڻي نه ٿي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به رات جي وقت عدالتون کولڻ جي شڪايت ڪئي هئي. نيويارڪ بار کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪي ماڻهو 2022 تائين منهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪندا رهيا اهي اوچتو تبديل ٿي ويا آهن.  هن ڪنهن به سياسي پارٽي يا سياسي شخصيت جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان جن کي رليف مليو اهي ئي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. ۽ ان وقت ملڪ جي ڪا به هاءِ ڪورٽ کين رليف نه ڏئي رهي هئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪاش عدالتون 5 جولاءِ 1977ع تي کليل هجن جڏهن فوجي آمر ضياءَ الحق چونڊيل وزيراعظم کي هٽايو، ڪاش 12 آڪٽوبر 1999ع تي عدالتون کليل هجن جڏهن مشرف چونڊيل وزيراعظم کي هٽايو هو. ” جسٽس اطهر من الله چيو ته جڏهن مون ٽرائل دوران نوٽ لکيو ته منهنجي ٻن پٽن جي ذاتي ڊيٽا سوشل ميڊيا تي اڇلائي وئي ۽ انهن موجب اها ڊيٽا سرڪاري اداري کان ورتي وئي. هن چيو ته منهنجي زال جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي ان تي به ڊاڪيومينٽري ٺاهي حملو ڪيو ويو.  سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهرمن الله چيو ته ميموگيٽ ڪيس ڪجهه نه هو جيڪو سپريم ڪورٽ کڻي، چونڊيل وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي. سوئس اختيارين کي خط نه لکڻ تي وزيراعظم کي هٽائڻ غلط هو ڇو ته صدر آصف زرداري کي آئيني استثنيٰ حاصل آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله به 9 اپريل جي رات عدالت کولڻ واري فيصلي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته هڪ ٽي وي چينل اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ مارشل لا لڳڻ وارو آهي. مان چاهيان ٿو ته جڏهن به مارشل لا جو خطرو هجي ته عدالتون کليل هجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.