9 مئي واقعن جا 12 ڪيس: عمران خان پاران جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد لاهور پوليس جي جاچ ٽيم واپس رواني ٿي وئي.
ذريعن جو چوڻ هو ته 12 رڪني ٽيم پي ٽي آءِ باني کان 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جاچ ڪرڻي هئي، پر هو لاهور پوليس جي جاچ ٽيم آڏو شامل نه ٿيو.
عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي پيغام موڪليا ويا، پي ٽي آءِ باني وڪيلن جي موجودگيءَ ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
پي ٽي آءِ باني لاهور ۾ داخل 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ ڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي آهي، سندس جسماني رمانڊ دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت منظور ڪيو هو.

Pakistan PTI Imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.