اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي پوليس تحريڪ انصاف جي گم ڄاڻايل ڪوآرڊينيٽر احمد وقاص جنجوعا کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
احمد جنجوعا کي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ جج طاهر عباس سپرا جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وقاص جنجوعه جي گرفتاري وقت ڌماڪيدار مواد هٿ آيو.
عدالت احمد وقاص جنجوعه جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، 29 جولاءِ تي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر واري جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب محمد طاهر رمارڪس ۾ چيو ته ماڻهو گم ٿي وڃن ٿا، رياست کي خبر نه ٿي هجي، هيءَ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي.
بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو، هاڻي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته احمد جنجوعا کي 20 جولاءِ تي کنڀيو ويو.
پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ آر ٿي چڪي آهي، سب انسپيڪٽر ماتحت عدالت کان اجازت ورتي آهي، عدالت اٽارني جنرل کي تفصيلن سوڌو طلب ڪري ورتو.
Pakistan PTI AhmedJanjoa