ڪراچيءَ ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو اعلان،هڪ لک 40 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، مختلف علائقن ۾ هڪ لک 40 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا.
ڪمشنر ڪراچيءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جو چوڻ هو ته هيءَ مهم ايندڙ ٻن هفتن ۾ شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ هڪ لک 40 هزار وڻ لڳايا ويندا.
ٻيلي کاتي، مڪاني کاتي ۽ خانگي ادارن وڻڪاري مهم ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو آهي،ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾10 10 هزار ٻوٽا پوکڻ جو بندوبست ڪندا.
ڪمشنر ادارن کي چيو آهي ته وڻڪاري مهم ۾ هر ممڪن تعاون ڪيو وڃي ته جيئن شهر جي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ماحولياتي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون ڪامياب ٿي سگهن.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صرف ماحول دوست ٻوٽا پوکيا ويندا، ڪورنو ڪارپس ٻوٽا لڳائڻ کان پاسو ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنرز ٻوٽا لڳائڻ جو هنڌ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

Sindh karachi Govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.