اسلام آباد( منيب فاروق) ملڪ جي موجوده بحراني سياسي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ٻئي خلاف اعلان جنگ ڪري چڪيون آهن، اهڙي سنگين صورتحال ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ملڪ جون حالتون ايتريون ته خراب آهن جو ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو هاڻي ملڪ ۾ هڪ ٻئي ” ڍاڪا سانحي“ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. قانون واري وفاقي وزير، اٽارني جنرل ۽ ٻين اعلى سطح جي حڪومتي عهديدارن جي اجلاس بعد اها ڳالهه ته پڪي ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته پي ٽي آءِ تي جلد پابندي لڳائي ويندي، جڏهن ته ملڪ جي موجوده سنگين سياسي ۾ تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان لاءِ واپسيءَ جو ڪو به رستو باقي نه بچيو آهي، اهو هاڻي سندس تي ئي منحصر آهي ته هو پنهنجي واپسيءَ لاءِ پاڻ رستو هموار ڪري جيڪو هو ڪرڻ نه ٿو چاهي، عمران خان هاڻي اهڙي هنڌ پهچي ويو آهي جتان سندس واپسي ناممڪن ٿي وئي آهي. ٻئي طرف ملڪ جي هڪ سينيئر ترين صحافيءَ جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ سڀني سياسي پارٽين ۽ ادارن کي گهرجي ته هو پوئتي هٽن نه ته ملڪ کي نقصان رسي سگهي ٿو، جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ فوج پوئتي هٽڻ لاءِ بلڪل به تيار نه آهي. عمران خان ايڊهاڪ ججز جي مقرريءَ تي پڻ اعتراض ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيو ويندڙ فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته هاڻي عمران خان کي رڳو الله جي ذات ئي بچائي سگهي ٿي، باقي ان جي بچڻ جو ڪو به امڪان نه آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جيڪو سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي اهو به جهڙوڪر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي هڪ ترديد ئي آهي، ۽ ان ۾ به واضح آهي ته سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ نه ٿي چاهي. ملڪ ۾ اهڙي ڪابه ڪوشش ٿيندي نظر نه ٿي اچي جيڪا ملڪ ۾ معاشي استحڪام پيدا ڪري، جڏهن ته ڪنهن به ملڪ ۾ معاشي استحڪام ان ملڪ ۾ امن امان ۽ سياسي حالتن جي استحڪام جي نتيجي ۾ ئي ايندو آهي. پاڪستان جي موجوده حالتن مان رڳو اها ڳالهه نظر اچي رهي آهي ته ايندڙ وقت وڌيڪ غير يقينيءَ وارو هوندو ۽ وڌيڪ سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. تحريڪ انصاف هاڻي کلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي خلاف ميدان ۾ اچي وئي آهي، گذريل ڏينهن ٿيندڙ پارليامينٽ جي اجلاس بعد تحريڪ انصاف جي ميمبرن پارليامينٽ نڪرندي فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي خلاف جيڪا نعري بازي ڪئي آهي، اها ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هاڻي هڪ طرف تحريڪ انصاف آهي ۽ ٻئي طرف طرف اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ جنگ جو اعلان ٿي چڪو آهي.تحريڪ انصاف جي هڪ ٻئي اڳواڻ اسد قيصر هڪ ميڙ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان تي جنگ مڙهي وئي آهي ۽ اسان جنگ لاءِ تيار آهيون، هن فوج ۽ ادارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن جنگ ڪرڻ اوهان جي خواهش آهي ته اسان جنگ ۾ اوهان کان ٻه قدم اڳتي هونداسين پر اسان نه ٿا چاهيون ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ٿئي. پاڪستاني فوج جو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ٽڪراءَ يا وري ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو پاڪستاني فوج سان ٽڪراءَ ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان اها هڪ حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به صورت ۾ عمران خان تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اسٽيبلشمينٽ جو چوڻ آهي ته اسان ئي ان شخص کي اقتدار ۾ آندو ۽ ان ئي اسان سان ڌوکو ڪيو، هُن پاڪستان جي خلاف سازشيون ڪيو سندس جو اقتدار ۾ هجڻ ڪنهن به طور تي ملڪي مفاد ۾ نه آهي.
71 ع جهڙيون حالتون:اسٽيبلشمينٽ،سياستدانن کي سبق سکڻو پوندو
اسلام آباد(تجزيو: سهيل وڙائچ)ملڪ ۾ ٻيهر 1971ع سان ملندڙ جلندڙ حالتون آهن، ڪردار به ساڳيا آهن، رڳو نالا بدلجي ويا آهن، تڏهن به سڀني جي غلطين اوڀر پاڪستان سانحي کي جنم ڏنو هو،اڄ به سڀني جون غلطيون ڪٿي ملڪ کي ڪنهن نئين سانحي ڏانهن نه ڌڪين، 1971ع ۾ شيخ مجيب الرحمان وانگر اسٽيبلشمينٽ ،ٻن سياسي جماعتن ۽ انهن جي حامين جو خيال آهي ته جيڪڏهن عمران خان اچي ويو ته ملڪ معاشي طور تي تباهه ٿي ويندو،ان وقت اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيندڙن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جماعت اسلامي هئا، اڄ آصف زرداري،نوازشريف اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيندڙ آهن، ڪالهه شيخ مجيب کي مڪتي باهني جي هٿياربند حمايت حاصل هئي ،اڄ جي مڪتي باهني سوشل ميڊيا آهي جيڪا طاقتور ڌرن تي گولين جهڙي گارين جي برسات وسائي ٿي، ڪا به ڌر لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي، هن وقت ڊپ اهو ناهي ته پاڪستان ٽٽي ويندو يا بنگلاديش بڻجي ويندو پر خوف اهو آهي ته پاڪستان جو واحد متفقه دستاويز ”آئين“ سبوتاز ٿي ويندو، جيڪڏهن مفاهمت ٿئي ٿي ته عمران خان لاءِ اڄ نه ته سڀاڻي ضرور اقتدار جا دروازا کلي ويندا،اسٽيبلشمينٽ کي فائدو اهو ٿيندو ته ان جي ساک کي پهچندڙ نقصان جو فوري طور تي ازالو ٿي ويندو، مفاهمت جو نقصان رڳو جمهوريت جي دشمنن کي ٿيندو جيڪي تضادستان(پاڪستان) ۾ جمهوريت کي ويڙهي ڪنهن ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا،وقت جي ضرورت اها آهي ته اتحادي حڪومت ۾ شامل جمهوري ماڻهو پنهنجي پارٽين کي مجبور ڪن ته اهي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جي فيصلي کي واپس وٺن، عمران خان کي گهرجي ته هو سوشل ميڊيا تي هر شئي جي مالڪي ڪرڻ جي پاليسي بند ڪري، اسٽيبلشمينٽ کي به عرض آهي ته زور زبردستي جو دور ختم ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ کي به پارليامينٽ ۾ جاءِ ڏيو، تحريڪ انصاف پنهنجي گاريون ڏيندڙ اڳواڻن کي لغام ڏئي ،فوج به تاريخ مان سبق کي، نه جنرل ٽڪا اوڀر پاڪستان جي آواز کي چٿي سگهيو نه جنرل نيازي ڍاڪا سانحي جي ذلت کان بچي سگهيو،
اسٽيبلشمينٽ جي پوزيشن ڪمزور آهي: تجزئي نگار
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار عائشه صديقه چيو آهي ته ن ليگ اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهي رهي آهي، عالمي مالياتي ادارا ۽ سعودي عرب پاڪستان ۾ سياسي استحڪام جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ايمرجنسي لڳي ته صورتحال اڃا خراب ٿيندي، ان حوالي سان رڳو ڊيڄاريو پيو وڃي،اسٽيبلشمينٽ کي ايمرجنسي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ نتيجن جي به خبر آهي، هن چيو ته ماضي ۾ به عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيندي هئي تڏهن سدائين اسٽيبلشمينٽ حاوي ٿي ويندي هئي پر هن ڀيري اسٽيبلشمينٽ جي پوزيشن ڪمزور نظر اچي رهي آهي،فوج ۾ به اختلاف آهن،