بنون واقعو انساني ڀڃڪڙين سميت جمهوريت تي حملو آهي: ڪراچي بار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن بنون (ڪي پي ڪي) جي احتجاج تي فائرنگ  جو واقعي جي سخت الفاظ ۾ مذمت ڪئي آهي .ڪراچي بار جي عهدايدارن جو چوڻ آهي ته  فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترائي بيگناهه زندگيون وڃائي ويٺا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اهو عمل نه رڳو انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي پر جمهوريت ۽ امن جي اصولن تي به حملو آهي.   اهڙيون وحشياڻيون ڪارروايون دهشتگرديءَ جي دائري ۾ اچن ٿيون.   اهڙا تشدد ڪندڙ رياست جا دشمن ۽ اسان جي قوم جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن، جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.ڪراچي بارمذمت ڪندي چيو آهي ته  اسان لاڳاپيل اختيارين کان ان واقعي جي  شفاف جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا.  اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سمورين ذميوار ڌرين کي، ان جي پوزيشن يا اثر رسوخ کان سواءِ، انهن جي عملن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهڙي قسم جا ظلم ٻيهر نه ٿين.متاثرين جي خاندانن سان اسان  تمام گهڻي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين سان يڪجهتي  طور گڏ بيٺا آهيون ۽ هن بي رحم تشدد جي متاثر ٿيل سڀني سان گڏ آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.