سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري بعد موسم وڻندڙ ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.
جيڪب آباد، ٻانڌي، ڪنڊيارو، نوشهروفيروز، محرابپور، مديجي، موهن جو دڙو، مبارڪپور ۽ ڪوٽ لالو ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي.
خيرپور، فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ دريا خان مري ۾ به برسات بعد گرميءَ جو زور ٽٽي پيو، ڪنڌرا، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ تيز برسات بعد ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
لاڙڪاڻي،روهڙي،دوڙ،گاجي کهاوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات بعد بجلي جا ڪيترائي فيڊرز ٽرپ ٿي ويا.

Pakistan Sindh Rain

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.