راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي چيو آهي ته عمران خان جي زندگيءَ کي خطرو آهي، مونکي پنهنجي به جيئري رهڻ جي خبر ناهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ته اهي ڳالهيون انڪري رڪارڊ تي آڻڻ ٿي چاهيان ته خبر ناهي جيئري رهندس يا نه، عمران خان کي پهريان به زهر ڏنو ويو هو ۽ مٿس فائرنگ به ڪئي وئي.
اڳوڻي وزير اعظم جي گهرواريءَ وڌيڪ چيو ته عمران خان کي زهر ڏيڻ جي حوالي سان اسان جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، ان جو فيصلو نٿو ڏنو وڃي.
بشريٰ بي بي صحافين کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهر ۾ لڳل بلٽ پروف شيشو ٽوڙيو ويو، پوليس عمران خان جي منهن تي ڪپڙو وجهي گهليندي کڻي وئي هئي.
Pakistan PTI ImranKhan
Next Post
You might also like