مون پنهنجي ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪئي آهي،ترقيءَ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي:وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون پنهنجي ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي، ترقي ڪرڻي آهي ته سڀني کي محنت ڪرڻي پوندي.
وزير اعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومتي دور دوران شروع ڪيل ٽيڪنالاجيءَ پارڪ جي منصوبي جو دورو ڪري تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو.
وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ عالمي معيار جو پهريون ڪيٽيگري 3 جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو.
شهباز شريف چيو ته حڪومت سنڀاريندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انهي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي، پاڪستان کي ترقيءَ جي بلندين تي پهچائڻو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي.
Pakistan ShahbazSharif PM

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.