دوست شادي جي دعوت نه ٿا ڏين، حراماني جذباتي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حرا ماني انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي شادي ۾ ڪو به دعوت نه ڏيندو آهي، پر مان پٽ مزمل جي شادي ۾ سڀني کي دعوت ڏيندس.

هڪ انٽرويو دوران اداڪارا ميزبان ميرا سيٺي کي شڪايت ڪندي چيو ته مون کي شاديءَ ۾ ڪو به دعوت نه ڏيندو آهي، اوهان به مون کي فون نه ڪيو.

حرا ماني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مون کي شاديءَ ۾ دعوت نه ڏيندڙن جا نالا کڻجن ته سجل علي، سارا علي خان، اقرا عزيز ۽ ميرا سيٺي به مون کي شاديءَ ۾ دعوت نه ڏني.

اداڪارا چيو ته مون کي خبر ناهي ته هو مون کي شاديءَ ۾ ڇو نه سڏيندا آهن، شايد مان سندن دوست ئي ناهيان.

ميرا سيٺي اداڪارا کي چيو ته مون پنهنجي شاديءَ تي دوستن کي واٽس ايپ تي دعوتناما موڪليا هئا، وقت ٿورو هو، تنهنڪري اهي دعوتناما ساڳئي ڏينهن موڪليا ويا ۽ جن جا نمبر منهنجي لسٽ ۾ هئا، انهن کي دعوتنامو موڪليو ۽ توهان رهجي ويا، جنهن لاءِ مان معافي ٿو گهران.
HiraMani Pakitan Actress

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.