مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن پاران نظرثاني درخواست جو فيصلو

اسلام آباد( معظم فخر): اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثانيءَ جي درخوست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اهڙو فيصلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي جنهن جي صدارت چيف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سڪندر راجه ڪري رهيو هو، جنهن ۾ چئني صوبن جي اليڪشن ڪمشنرز ۽ ليگل ڪميٽيءَ جي ميمبرن سميت خاص ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل سڪندر بشير پڻ شامل هيو. اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو ويو ۽ اهو طئه ڪيو ويو ته فيصلي جي شڪن جو مطالعو ڪري اهو ڏنو وڃي ته انهيءَ فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ ڪهڙي هنڌ آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ ڪهڙيهنڌ آئين جي شقن کي نئين سر لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن بعد اهڙي فيصلي خلاف نظرثانيءَ جي درخواست داخل ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي اڳ ڪيل هڪ اهڙي فيصلي جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ بار بنام سپريم  ڪورٽ پي ايل ڊي  2009  ايس سي  879  ريڪارڊ تحت جاري ٿيل آهي، جنهن جو ريفرنس ايڊووڪيٽ ميان دائود ڏنو آهي، اهڙو فيصلو سپريم ڪورٽ جي 14- ميمبرن تي مشتمل بينچ ڪيو هو ۽ انهيءَ فيصلي ۾ اهو قانوني اصول طئه ڪيو ويو هو ته هر ادارو اعلى عدليه جي صرف ان فيصلي تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي جيڪو آئين، قانون جي بنيادي شقن پٽنادڙ ڪيل هوندو ۽ سپريم ڪورٽ جي حقيقي طور تي طئه ڪيل اصولن جي بنياد تي هوندو ۽ جيڪڏهن ڪوبه فيصلو آئين جي شقن، آئين جي ضابطن ۽ آئين جي روح سان ٽڪراءَ ۾ هوندو ته سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي جي حوالي سان اهو فيصلو ڪنهن به طور تي عمل ڪرڻ جوڳو نه هوندو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ اهڙا ڪيترائي جواز آهن جن کي بنياد بڻائي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي، پر جيڪڏهن حڪومت جون اتحادي پارٽيون حڪومت تي اهو دٻاءَ وجهن ٿيون ته پي ٽي آءِ تي پابندي لاڳو نه ڪئي وڃي ته ان صورت ۾ به اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن متعلق اڳ ڪيل فيصلي جي روشنيءَ ۾ ڪونه ڪو رستو ڪڍي سگهي ٿي، پر جي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ڇڏي ته ان صورت ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هاڻي ته تحريڪ انصاف جا نالي جهڙي ڪا پارٽي آهي ئي نه ته پوءِ مخصوص سيٽون ڪنهن کي ڏنيون وڃن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، 20 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.