ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ مذهبي اسڪالر ساحل عديم خلاف سنڌين خلاف نفرت واري ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ فساد ڪرائڻ جي ڪوشش تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ساحل عديم جي هڪ پراڻي وڊيو ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن کي سنڌي قوم خلاف نفرت آميز ۽ نامناسب ڳالهيون ڪندي ٻڌو ويو هو.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اها وڊيو لڳ ڀڳ ڏيڍ سال پراڻي هئي، وڊيو ۾ عالم چوي ٿو ته ڀارت کي غزه ٺاهي پاڻ کي ٺيڪ ڪريون يا وري سنڌ کي غزه بڻائي ڇڏينداسين، ساڳئي وقت سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جي ڳالهه ڪندي هن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌي ماڻهو شادي کان اڳ پنهنجين ڌيئرن کي وڏيرن حوالي ڪندا آهن. وڊيو ۾ هو سنڌين خلاف نفرت انگيز ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته هو پاڻ کي مسلمان ٿا سڏائين پر سندن ڪرتوت هندن کان به بدتر آهي. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ ساحل عديم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.