اسلام آباد (م ڊ) حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي بابت اطلاعات واري وزير عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي وي ڏسندي خاص طور تي هاڻوڪي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مشتاق احمد يوسفي مرحوم ياد آيو.
ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته ڪجهه دوستن جي مشتاق احمد يوسفي سان ويجهڙائي هئي، ڪراچي ۾ ٿورن مهينن کانپوءِ کچڙي جي دعوت تي ضرور ملاقات ٿيندي هئي.
اڳوڻي صدر چيو ته پنهنجي هڪ دوست مرزا کي اڪثر چوندو هو ته ميان تون ڳالهيون ته ماڻهن جهڙيون ڪرين ٿو پر خدا ڄاڻي جذبات تنهنجا گهوڙي جهڙا آهن. ان ۾ عقل جو ذڪر ناهي نه ته هو ڪنهن ٻئي جانور سان به ڀيٽ ڏئي سگهي پيو.
پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڏسڻ جي ڪا شئي نه هئي، ان کي رڳو ڏسي سگهجي پيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي روڪڻ جو ڪو ٻيو طريقو ڪامياب نه ٿي سگهيو هاڻي هي پابندي به هڻي ڏسن. ناڪاري سوچ وارا هي ماڻهو پاڻ کي سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن چون ٿا.
پي ٽي آءِ تي پابندي جهڙو ڪو به فيصلو ملڪ کي وڌيڪ ڏڦيڙ ڏانهن وٺي ويندو، سياسي عدم استحڪام وڌندو.
You might also like